پاڪ افغان سرحد ويجهو 8 ڀارتي اسپانسر خارجي مارجي ويا

پاڪ افغان سرحد ويجهو 8 ڀارتي اسپانسر خارجي مارجي ويا

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد ويجهو هندستان جي سرپرستي ۾ قائم فتنه الخارج گروپ سان تعلق رکندڙ 8 خارجي ميمبرن کي ماري ڇڏيو.پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي، انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد ويجهو خوارج ميمبرن جي هڪ گروپ جي حرڪت بابت معلومات ملي هئي، جنهن کان پوءِ سيڪيورٽي فورسز بروقت ۽ اثرائتي انداز ۾ گروپ کي نشانو بڻايو.آءِ ايس پي آر موجب، مارجي ويل خوارج ميمبرن کان هٿيار ۽ گولا بارود به هٿ ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر چيو آهي ته افغان طالبان حڪومت پنهنجي سرحدي ذميوارين کي موثر طريقي سان پورو ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي، افغان طالبان حڪومت کي پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ گهرجن، ۽ افغان طالبان حڪومت کي خوارج پاران پنهنجي علائقي جي استعمال کي روڪڻ گهرجي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سيڪيورٽي فورسز ملڪ جي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم ۽ ثابت قدم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو