پاڪ افغان سرحد تي 17 وڌيڪ خارجي دهشتگرد مارجي ويا

پاڪ افغان سرحد تي 17 وڌيڪ خارجي دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪ افغان سرحد وٽ سوئيپنگ آپريشن دوران وڌيڪ 17 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز پاڪ-افغان سرحد تي حسن خيل جي آس پاس وارن علائقن ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو، جنهن دوران 17 خارجي دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر مطابق، مارجي ويل دهشتگرد ڀارتي سرپرستن جي ايما تي ڪارروائيون ڪري رهيا هئا. آءِ ايس پي آر وڌيڪ ٻڌايو ته مارجي ويل 17 دهشتگردن کان هٿيار، گولا بارود ۽ ڌماڪيدار مواد به هٿ ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اتر وزيرستان ۾ ٽن ڏينهن جي ڪارروائي دوران مجموعي طور تي 71 دهشتگرد ماريا ويا آهن. گذريل ڏينهن 54 خارجي مارجڻ بابت بيان جاري ڪيو ويو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو