پارٽين جو فيصلو عوام ئي ڪري سگهي ٿو:اسد عمر

پارٽين جو فيصلو عوام ئي ڪري سگهي ٿو:اسد عمر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر نون پارٽين بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو آهي ته پارٽيون عوام ٺاهيندي آهي ۽ عوام هلائيندي آهي ،اسلام آباد ۾ جڊيشل ڪمپليڪس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته پارٽي جو فيصلو عوام ئي ڪري سگهي ٿو. اسد عمر جو چوڻ آهي ته پرويز خٽڪ تجربيڪار سياستدان آهي پر هاڻ ڏسڻو آهي ته کيس ڪهڙي ڪاميابي ملندي آهي.هن چيو ته اعظم خان جو قلم 164 وارو بيان سامهون آيو آهي، مون ان ۾ قانوني نقطه نظر کان ڪجهه خاص ناهي ڏٺو.هن جو اهو به چوڻ آهي ته مون کي ۽ شاهه محمود قريشي کي ايف آءِ اي 24 جولاءِ تي گهرايو آهي، وڃي حقيقتون ٻڌائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو