ٽيسلا سائبر ٽرڪس دبئي ۾ ڪرائي تي دستياب

ٽيسلا سائبر ٽرڪس دبئي ۾ ڪرائي تي دستياب

دبئي(ويب ڊيسڪ) ٽيسلا جون پنهنجي منفرد خاصيتن واريون سائبر ٽرڪس دبئي ۾ ڪرائي تي دستياب آهن. گهٽ ۾ گهٽ ڪرايو 2800 يو اي اي درهم آهي. جديد دور جي بلٽ پروف هنن اليڪٽرڪ ڪار ڪرائي تي حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 23 سال هجڻ، ويلڊ درائيونگ لائيسنس هجڻ ۽ هڪ سال جو ڊرائيونگ تجربو هجڻ لازمي آهي. آل وهيل ڊرائيو هي گاڏيون زيرو کان 100 ڪلوميٽر جي رفتار 4.1 سيڪنڊ ۾ حاصل ڪن ٿيون جڏهن ته سائبر بِيسٽ ٽرڪ اها اسپيڊ 2.7 سيڪنڊن ۾ حاصل ڪري ٿي.هنن سائبر ٽرڪس جي وڌ ۾ وڌ اسپيڊ 700 ڪلوميٽر في ڪلاڪ تائين ٻڌائي پئي وڃي. هي گاڏيون يينگو ڊرائيو ايپ ذريعي حاصل ڪري سگهجن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو