ٽرمپ جي گهر تي ڇاپو،”اهم“ دستاويز هٿ

ٽرمپ جي گهر تي ڇاپو،”اهم“ دستاويز هٿ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي گهر تي ڇاپي دوران ٽاپ سيڪريٽ دستاويز هٿ ڪيا ويا.ميڊيا رپورٽن موجب ايف بي آءِ 11 ڳجهي دستاويز هٿ ڪيا جڏهن ته جج وارنٽ ۽ ٻيو مواد عدالت ۾ کوليو.ڪجهه دستاويز مٿي ڳجهي نشان لڳل آهن، مطلب ته اهي صرف خاص سرڪاري آفيسن ۾ هجن.آمريڪي انصاف واري کاتي ٽرمپ جا اعتراض رد ڪندي عدالت کان سرچ وارنٽ ڏيکارڻ جو مطالبو ڪيو. ايف بي آءِ جو چوڻ آهي ته ڇاپو آمريڪا جي جاسوسي ايڪٽ جي ڀڃڪڙي ڪرڻ جي شڪ جي بنياد تي ڪيو ويو جيڪو حساس دفاعي دستاويزن جي غير قانوني قبضي سان لاڳاپيل آهي. ٽرمپ جو چوڻ آهي ته ڪجهه کاٻي ڌر وارا ڊيموڪريٽس کيس قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي نشانو بڻائي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو