ٽانڪ: هٿياربندن اسڪول کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو

ٽانڪ: هٿياربندن اسڪول کي ڌماڪي سان تباهه ڪري ڇڏيو

ٽانڪ (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ گذريل رات اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن ڇوڪرين جي پرائمري اسڪول کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ضلعي پوليس آفيسر ٽانڪ شبير حسين شاهه موجب گذريل رات ٽانک جي مضافات ۾ واقع ڳڙهه بڌا ۾ اڻڄاتل هٿياربند ماڻهن ڇوڪرين جي پرائمري اسڪول کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، دهشتگردن اسڪول جي عمارت ۾ بم نصب ڪيو هو، جيڪو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي. ڌماڪي اسڪول جي عمارت کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، علائقي جي بزرگن موجب، ضلعي ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي غير تسلي بخش آهي ۽ ڪنهن جي به جان يا مال محفوظ ناهي.

پهنجو تبصرو موڪليو