اٿينس(ويب ڊيسڪ) يوناني ريسڪيو ورڪرز ٻڏي ويل ٻيڙي بابت بچاءَ وارو آپريشن ختم ڪندي گم ٿيل ماڻهن کي مرده تصور ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.گم ٿيلن ۾ 35 پاڪستاني شامل آهن. ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيل پاڪستانين جو انگ 40 ٿي ويو آهي. ريسڪيو ذريعن 47 پاڪستانين کي بچائي ورتو هو. غير ققانوني طور لبيا من يونان ويندڙ پاڪستانين ۾ گجرانوالا، منڊي بهاوالدين، آزاد ڪشمير ۽ گجرات سان آهي. پاڪستاني ايجنٽن 30 لک في ماڻهو وٺي کين يونان پهچائڻ جو واعدو ڪيو هو. ياد رهي ته اڳ ۾ به ڪيترائي ڀيرا اهڙا واقعا پيش اچي چڪا آهن. واقعي بعد حڪومت ايجنٽن خلاف وڏي ڪاروائي جو اعلان ته ڪندي آهي پر ان جو ڪو کڙتيل نٿو نڪري. هڪ ته قانون ۾ اهو جرم قابل ضمانت اهي ۽ ٻيو ته ايجنٽ مافيا ڪروڙ پتي هجڻ ۽ سندن سياسي سرپرستي هجڻ ڪري هو گرفتار ٿيڻ بعد به سزا کان بچي ويندا آهن. جيڪي متاثره خاندان ڪيسن ۾ ڌر بڻبا آهن، اهي ايجنٽ مافيا کان معاوضو وٺي ڪيس ختم ڪرڻ جو لکي ڏيندا آهن.










