اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ٻوڏ جي صورتحال سبب قومي مالياتي ڪميشن جو شروعاتي اجلاس ملتوي ڪيو ويو. اجلاس سڀاڻي 29 آگسٽ تي ٿيڻو هو، پر سنڌ حڪومت جي درخواست تي ملتوي ڪيو ويو. ذريعن موجب، اجلاس ۾ اين ايف سي ايوارڊ، ذيلي گروپن جي قيام ۽ مستقبل جي اجلاسن جي شيڊول بابت سفارشن تي غور ڪيو ويندو هو، جڏهن ته وفاق ۽ چئني صوبن کي پنهنجي مالي صورتحال تي بريفنگ ڏيڻي هئي،ياد رھي تھ صدر مملڪت جي منظوري سان 22 آگسٽ تي 11 هين قومي مالياتي ڪميشن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. ان جو چيئرمين وفاقي وزير خزانه آهي، جڏهن ته چئني صوبن جا خزانه وزير ۽ نامزد ميمبر پڻ ڪميشن جو حصو آهن. جڏهن ته، سنڌ ۾ ٻوڏ جي صورتحال جي ڪري، اجلاس ملتوي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي.










