ڪيپ ٽائون (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي ٻي ون ڊي ميچ ۾ 81 رنسن تان شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز ۾ 0-2 جي ناقابل شڪست برتري حاصل ڪري ورتي.ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان ڏکڻ آفريڪا کي کٽڻ لاءِ 330 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو.ڪيپ ٽائون ۾ کيڏيل هن ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.پهرين ميچ وانگر هن ڀيري به قومي ٽيم جي اننگز جي شروعات سٺي نه ٿي ۽ اوپنر عبدالله شفيق بنا ڪنهن رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. ٻي وڪيٽ تي بابر اعظم ۽ گذريل ميچ جي هيرو ۽ سينچري صائم ايوب 48 رنسن جو اضافو ڪيو. سيمي هن ميچ ۾ هڪ وڏو شاٽ مارڻ جي ڪوشش ۾ پڪڙيو ويو. هن 25 رنسون ٺاهيون.ٽئين وڪيٽ تي بابر اعظم ۽ محمد رضوان 115 رنسن جي پارٽنرشپ ڪري ٽيم جو اسڪور اڳتي وڌايو ۽ ٽيم جو مجموعي اسڪور 168 تائين پهچايو.ان دوران بابر اعظم پنهنجي 34هين نصف سينچري مڪمل ڪئي جڏهن ته محمد رضوان 14هين نصف سينچري مڪمل ڪئي.بابر اعظم 168 جي مجموعي اسڪور تي 73 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. هن کي ايڊن مارڪرام شاندار ڪيچ سان آئوٽ ڪيو. ان کانپوءِ محمد رضوان جارحاڻي راند شروع ڪئي پر هو 192 جي مجموعي اسڪور تي 80 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. هو پنهنجي ئي بال تي مفاڪا جي هٿان شاندار ڪيچ آئوٽ ٿيو.سلمان علي آغا ۽ ڪامران غلام 50 رنسن جي شاندار پارٽنرشپ قائم ڪئي. جڏهن ته 242 جي مجموعي اسڪور تي سلمان علي آغا 30 بالن تي 33 رنسن جي اننگز کيڏڻ بعد آئوٽ ٿي ويو.جڏهن ته ڪامران غلام پنهنجي جارحاڻي انداز کي جاري رکيو، هو آخري اوور ۾ 32 بالن تي 63 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. سندس اننگز ۾ 5 ڇڪا ۽ 4 چوڪا شامل هئا.قومي ٽيم آخري اوور ۾ 329 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. آخري لمحن ۾ عرفان خان 15 رنسون، شاهين آفريدي 16 رنسون، حارث رئوف 6 ۽ ابرار احمد 4 رنسون ٺاهي ٽيم جي مجموعي اسڪور ۾ حصو ورتو.ٽن ميچن جي سيريز ۾ پاڪستاني ٽيم کي 0-1 جي برتري حاصل آهي. قومي ٽيم پهرين ميچ ۾ ڏکڻ آفريڪا کي دلچسپ مقابلي کانپوءِ ٽن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي.قومي ٽيم ڏکڻ آفريڪا پاران ڏنل 240 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو. صائم ايوب شاندار سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته مين آف دي ميچ سلميٰ علي آغا 82 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهي. ان کان اڳ ڏکڻ آفريڪا ٽن ميچن جي ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ 0-2 تان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.











