ٺٽي ۾ خودڪشين ۾ اضافو، اڪثر واقعن جو سبب گهرو اڻبڻت

ٺٽي ۾ خودڪشين ۾ اضافو، اڪثر واقعن جو سبب گهرو اڻبڻت

ٺٽو(ن س)ٺٽي جي ساحلي پٽيءَ جي مختلف علائقن ۾ زھر پي خودڪشي ڪندڙن ۾ اضافو ٿي ويو، ڳاھي جي ڳوٺ ويجهو ڪچي جي ڳوٺ صابو ڳاھو ۾ گهرو اڻبڻت تان ڳوٺ جي 3 عورتن ۽ هڪ مرد زهر پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جن کي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي 2 عورتون فوت ٿي ويون، سندن گھرن ۾ ڪھرام متل، خودڪشين جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو، تفصيل موجب ڳاھي جي ڳوٺ ويجھو ڪچي جي ڳوٺ صابو ڳاھو ۾ گھرو اڻبڻت سبب 3 عورتن حسينہ زال اڪبر ماڇي، نازيہ عرف نازو زال غلام، ماروي زال غلام ۽ هڪ مرد اڪبر زهر پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جن کي جناح اسپتال ڪراچي منتقل ڪيو ويو، جتي 2 عورتون مسمات ماروي زال اڪبر ۽ نازيا عرف نازو زال غلام فوت ٿي ويو آهن، جن جا لاشن آباڻي ڳوٺ پنھنجن گھرن ۾ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، جڏھن تہ 2 بيھوش شخص اڪبر ۽ سندس زال حسينہ جناح اسپتال ڪراچي ۾ بدستور علاج ھيٺ آھن، جن جون ڊاڪٽرن پاران حياتي بچائڻ جون ڪوششون جاري آھن. ٻئي طرف رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ جي ايم ايس ڊاڪٽر دائود اوٺو ٻڌايو تہ هڪ مهيني دوران زهر پيئندڙ جا 39 ڪيس رپوٽ ٿي چڪا آهن، جن جي زھر پيئڻ جو ڪارڻ معلوم ٿي ناھي سگھيو، ٻئي طرف علائقي واسين جو چوڻ اھي تہ تاريخ ۾ پهريون دفعو ساحلي پٽيءَ ۾ ايڏو وڏو انگ ماڻھن جو زھر پيء خودڪشي ڪندڙ جو سامھون آيو آهي، جنھن جو وڏو ڪارڻ مھنگائي، بيروزگاري ۽ بک بدحالي آھي. جنھن ڪري ماڻھون مجبور ٿي اھڙو قدم کڻڻ تي مجبور بڻيل آھن، جنھن جو انتظاميہ کي فورن نوٽيس وٺي بيھوش بڻيل زال مڙس جي حياتي بچائڻ لاء ڪوششون ڪرڻ گھرجن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو