يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

يوڪرين پاران روسي جنگي جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)يوڪرين دعويٰ ڪئي آهي ته هن روس جي پري تائين مار ڪندڙ ميزائيل بردار جهاز Tu-22M3 کي ميزائل سان تباهه ڪري ڇڏيو آهي. يوڪرين جي اختيارين اها به دعويٰ ڪئي آهي ته هنن روسي جنگي جهاز کي پنهنجي سرحد کان 300 ڪلوميٽر پري روسي علائقي اندر تباهه ڪيو، پر روسي اختيارين جو چوڻ آهي ته سندن جهاز يوڪرين طرفان تباهه ناهي ٿيو پر فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿيو. روسي اختيارين موجب جهاز ۾ سوار 4 ڄڻن مان هڪ فوت ۽ 2 زخمين کي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي جڏهن ته هڪ شخص اڃا تائين گم آهي جنهن جي ڳولا جاري آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو