وڪيل جي ڌيءَ اغوا، ڪيس شهريار ۽ سندس پٽ  خلاف داخل

وڪيل جي ڌيءَ اغوا، ڪيس شهريار ۽ سندس پٽ خلاف داخل

گهوٽڪي: (ن س) گهوٽڪي ۾ وڪيل جي ڌيءَ جي اغوا جو ڪيس پيپلز پارٽي اڳواڻ شهريار شر، سندس پٽ جهانگير شر ۽ ٻين جي خلاف داخل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب ڪيس مغوي ڇوڪري جي والد جي مدعيت ۾ داخل ڪيو ويو آهي، ڪيس جي متن ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي ڌيءَ کي سردار شهريار شر ۽ ٻين گهر مان اغوا ڪيو.مدعي جو چوڻ آهي ته جوابدار منهنجي قانون جي شاگردياڻي ڌيءَ کي حراسان ڪندا هئا، شهريار شر جي خلاف هڪ ڪيس ۾ وڪيل مقرر هجڻ تي ڌمڪيون به ڏنيون وينديون هيون.ٻئي طرف پ پ اڳواڻ شهريار خان شر چيو آهي ته مان وڪيل عبيدالله جي ڌيءَ جي اغوا جي مذمت ڪريان ٿو، ڪنهن ڪرمنل يا ڌاڙيلن سان ڪوبه واسطو نه آهي. مون تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.هوڏانهن مبينا اغوا ٿيل سينئر وڪيل عبيدالله گهوٽو جي ڌيءَ ارم گهوٽو جي بازيابي لاءِ وڪيلن ۽ گهوٽا برادري طرفان ايڊووڪيٽ شاهنواز وسير، لعل بخش گهوٽو، عبيدالله گهوٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٽول پلازه وٽ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي. احتجاج ڪندڙن گهر ڪئي ته ناري جي مبينا اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري ناري کي بازياب ڪرايو وڃي. ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو