ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي سي ٽي او ڪارروائي ڪندي ملڪ جي سڀ کان وڏي ٽيڪس چوري ڪندڙ گروپ جي سربراهه کي ڪراچي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪري ورتو.سي ٽي او ڪراچي جي ترجمان موجب جوابدار آصف رزاق دينار کي ڪارپوريٽ ٽيڪس آفيس تي ڇاپو هڻي گرفتار ڪيو ويو.جوابدارن جو گروهه ملڪ جي ڏاکڻين علائقن ۾ جعلي انوائسز ذريعي ٽيڪس چوري ڪندو آهي.جوابدار آصف دينار گروپ اربين رپين جي ٽيڪس روينيو چوري لاءِ جعلي رسيدون تيار ڪري ورتا آهن، جوابدار جي آفيس مان اهم رڪارڊ پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.سي ٽي او جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار آصف دينار جي گرفتاري ٽيڪس چوري خلاف جنگ ۾ اهم سنگ ميل آهي.










