لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ جو چوڻ آهي ته پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جو وڪيل ٻڌايو ته اعتماد جو ووٽ وٺڻ لاءِ ڪيترو وقت گهرجي، تاريخ طئي ڪنداسين. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ چوڌري پرويز الاهي کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عابد عزيز شيخ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ چوڌري پرويز الاهي کي وڏي وزير جي عهدي تان هٽائڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.ٻڌڻي دوران جسٽس عابد عزيز پڇاڻو ڪيو ته ڇا معاملو حل ناهي ٿيو؟ جنهن تي چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل بئريسٽر علي ظفر چيو ته سمورا معاملا عدالت ۾ حل ڪيا ويندا.عدالت پڇاڻو ڪيو ته هاڻي ڪهڙي پوزيشن آهي؟ جنهن تي گورنر پنجاب بليغ الرحمان جي وڪيل چيو ته عدالت کيس ڪافي وقت ڏنو، سندس چوڻ هو ته مناسب وقت نه ڏنو ويو، عدالت کيس اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو رستو به کوليو هو.جسٽس عابد عزيز شيخ رمارڪس ڏيندي چيو ته گورنر، وڏي وزير کان اعتماد جو ووٽ گهري سگهجي ٿو، آخر ۾ اهو فيصلو ميمبرن تي آهي ته ڪير وڏو وزير بڻجي سگهي ٿو، تاريخ مقرر ڪري ڇڏينداسين.جسٽس عاصم حفيظ چيو ته اوهان کي اهڙن ڏينهن ۾ اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو موقعو مليو، جنهن تي بئريسٽر علي ظفر چيو ته مان ان قانوني نقطي تي دليل ڏيندس.بئريسٽر علي ظفر چيو ته پرويز الاهي رڳو ووٽ وٺي وڏو وزير ٿيو، جنهن تي جسٽس عاصم چيو ته وڏي وزير کي 24 ڪلاڪ 186 ميمبرن جي حمايت حاصل هجڻ گهرجي.










