وياج کان پاڪ مالي نظام جي نفاذ جي جامع حڪمت عملي جاري

وياج کان پاڪ مالي نظام جي نفاذ جي جامع حڪمت عملي جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت سود کان پاڪ مالي نظام جي مرحليوار منتقليءَ لاءِ جامع حڪمت عملي جاري ڪري ڇڏي.حڪومت پاڪستان ۾ سود کان پاڪ مالي نظام جي نفاذ لاءِ جامع حڪمت عملي جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب نئين نظام ڏانهن منتقلي مرحليوار ۽ تدريجي ڪئي ويندي ته جيئن مالي استحڪام برقرار رهي ۽ معيشت کي ڪنهن وڏي رڪاوٽ جو سامھون ڪرڻو نه پوي.وزارتِ خزانه جي رپورٽ “2027 کان پوءِ پاڪستان جي مالي نظام سان لاڳاپيل حڪمتِ عملي” موجب، 2027 کان پوءِ سود کان پاڪ مالي نظام جو عملي نفاذ ڪيترن ئي اهم چئلينجن ۽ خطرن سان منهن ڏيڻ تي منحصر هوندو.رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سود کان پاڪ مالي نظام جي نفاذ جو تصور وفاقي شرعي عدالت جي 2022 جي فيصلي ۽ آئين ۾ 26 هين ترميم جي تناظر ۾ پيش ڪيو ويو آهي، تنهن هوندي به حڪومت جو موقف آهي ته ان نظام ڏانهن منتقلي تدريجي هوندي ته جيئن معيشت تي ڪنهن به قسم جي منفي اثرن کان بچي سگهجي.وزارتِ خزانه موجب روايتي بئنڪن کي اسلامي ماليات جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ تربيتي پروگرام شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي مانيٽري پاليسي (زري پاليسي) به 2027 کان پوءِ شريعت موجب ترتيب ۽ نافذ ڪئي ويندي.رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده سرڪاري قروضن (انبن) کي شرعي مالي ذريعن ۾ تبديل ڪرڻ سڀ کان وڏو چئلينج هوندو، جڏهن ته ايسٽ رجسٽري ڪمپني جي قيام، سڪوڪ جي جاري ٿيڻ ۽ ٻين اسلامي مالي ذريعن کي حڪمتِ عملي جو حصو بڻايو ويو آهي.وزارتِ خزانه موجب ڊسمبر 2027 تائين وفاقي ۽ صوبائي قانونن ۾ ضروري ترميمون به ان عمل جي ڪاميابيءَ لاءِ انتهائي اهم هونديون.

پهنجو تبصرو موڪليو