ون ڊي رينڪنگ، ڀارت پهرين، پاڪستان ٻئي نمبر تي اچي ويو

ون ڊي رينڪنگ، ڀارت پهرين، پاڪستان ٻئي نمبر تي اچي ويو

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ون ڊي انٽرنيشنل ميچن جي عالمي رينڪنگ ۾ ڀارت پهرين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.ڀارت آسٽريليا خلاف پهرين ميچ کٽي آئي سي سي ون ڊي ڪرڪيٽ ۾ پاڪستان کان پهرين پوزيشن کسي ورتي آهي. ڀارت ۽ آسٽريليا وچ ۾ 3 ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ ۾ پاڪستان دوري جي ٽيم کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي دنيا جي نمبر ون ٽيم بڻجي وئي.آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ڀارتي ٽيم جا پوائنٽس 116 ٿي ويا آهن جڏهن ته ٻئي نمبر تي موجود پاڪستاني ٽيم جي پوائنٽس جو انگ 115 آهي.آسٽريليا 111 پوائنٽن سان ٽئين ۽ ڏکڻ آفريڪا 106 پوائنٽس سان چوٿين نمبر تي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو