ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) پاران حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي باضابطه دعوت ناهي ڏني. هن چيو ته جيڪڏهن دعوت ملي ته اسانجي پارٽي جي سي اي سي جي اجلاس ۾فيصلو ڪيو ويندو.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ بهتري لاءِ ڪوشان آهي. پاڪستان ۾ بهترين صحت جون سهولتون سنڌ حڪومت مهيا ڪري رهي آهي، ملڪ ڀر مان ماڻهو سنڌ علاج لاءِ اچي رهيا آهن. سينيئر صوبائي وزير چيو ته اسان جون فورسز دشمن کي هر محاذ تي نقصان پهچائي رهيون آهن، وزيرستان ۾ 13 فوجي جوان شهيد ڪيا ويا، مان انهن کي ڀيٽا پيش ڪريان ٿو. شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان جو حقيقي موقف بلاول ڀٽو دنيا جي سامهون پيش ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو پارليامينٽيرينز جي وفد سان گڏ دنيا ۾ ڀارت کي بي نقاب ڪيو. هن چيو ته بلاول سنڌ طاس معاهدي بابت جيڪو موقف ڏنو، ساڳي موقف جي عالمي عدالت به تائيد ڪئي، عالمي عدالت جي فيصلي جو ڪريڊٽ بلاول ڀٽو کي وڃي ٿو. هن ٻڌايو ته سنڌ جي بجيٽ ۾ گريڊ 1 کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 12 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 16 کان مٿي جي ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. شرجيل ميمڻ وڌيڪ چيو ته بجيٽ ۾ رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ به اضافو ڪيو ويو آهي. هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪي اليڪٽرڪ ناڪام ٿي چڪي آهي، ڪجهه علائقن ۾ٻارنهن ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي.










