ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي زراعت کاتي واري وزير سردار محمد بخش مهر صوبي ۾ پاڻي جي سخت قلت تي گهري تشويش جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ارسا طرفان پاڻي جي فراهمي ۾ ڪٽ سبب سنڌ کي هن وقت 48 سيڪڙو پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جيڪا صوبي جي زراعت ۽ لکين هارين لاءِ هڪ سنگين بحران جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ وزير زراعت سنڌ چيو ته خيرپور، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، عمرڪوٽ، شڪارپور، گهوٽڪي، ميرپورخاص، ڪشمور ۽ ٻين ضلعن ۾ صورتحال انتهائي تشويشناڪ آهي، جتي پاڻي جي سخت کوٽ سبب زرعي سرگرميون متاثر ٿي رهيون آهن. هن چيو ته خريف سيزن 2026 دوران پاڻي جي غيرمعمولي قلت سبب سنڌ جي زرعي معيشت سخت دٻاءُ جو شڪار آهي. خاص ڪري چانورن جي فصل کي سنگين خطرا لاحق آهن جڏهن ته چانورن جي نرسري جي تياري، پوک ۽ منتقلي (ٽرانسپلانٽنگ) جو عمل به متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي ويو آهي.سردار محمد بخش مهر چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب ڪپهه، ڪمند، مرچ، ڪيلي، چاري ۽ باغن کي به پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جا هاري پنهنجن فصلن جي مستقبل حوالي سان سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن.هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي حصي جو پاڻي فوري طور بحال نه ڪيو ويو ته چانورن سميت اهم فصلن جي زيرِ ڪاشت ايراضي ۾ نمايان گهٽتائي اچي سگهي ٿي، جنهن سان زرعي پيداوار متاثر ٿيندي. پاڻي جي کوٽ سبب زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي، پيداواري لاڳت ۾ واڌ ۽ هارين کي ڳري مالي نقصان کي به منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.وزير زراعت چيو ته جيڪڏهن موجوده صورتحال برقرار رهي ته صوبي جي ڳوٺاڻي معيشت سخت دٻاءُ جو شڪار ٿي ويندي ۽ زرعي شعبو بري طرح متاثر ٿيندو.سردار محمد بخش مهر وفاقي حڪومت ۽ ارسا کان مطالبو ڪيو ته آبي معاهدي تحت سنڌ کي ان جي قانوني ۽ آئيني حصي جو پاڻي فوري فراهم ڪيو وڃي ته جيئن خريف سيزن متاثر نه ٿئي ۽ لکين هارين جي معاشي مفادن جو تحفظ يقيني بڻجي سگهي.










