وزيرستان ۾ ڀارتي سهڪار يافته 22 دهشتگرد مارجي ويا

وزيرستان ۾ ڀارتي سهڪار يافته 22 دهشتگرد مارجي ويا

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)خيبر پختونخوا جي ضلعي اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 22 ڀارتي سهڪار يافته دهشتگردن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، اها ڄاڻ فوج جي ميڊيا شعبي ’آءِ ايس پي آر‘ اڱاري ڏينهن جاري ڪيل بيان ۾ ڏني آهي۔
بيان موجب، 17 مئي کان اتر وزيرستان جي شيوه علائقي ۾ “خوارج جي موجودگي بابت معتبر ڳجهي ڄاڻ” جي بنياد تي علائقي کي صاف ڪرڻ لاءِ آپريشن جاري آهي۔ “فتنه الخوارج” اهو اصطلاح آهي جيڪو رياست پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) سان لاڳاپيل دهشتگردن لاءِ استعمال ڪندي آهي۔
’آءِ ايس پي آر‘ موجب، آپريشن دوران فوجي دستن “خوارج جي ٺڪاڻن کي مؤثر نموني نشانو بڻايو ۽ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڀارت جي سهڪار يافته فتنه الخوارج سان واسطو رکندڙ 22 دهشتگردن کي جهنم رسيد ڪيو ويو۔”
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ آيا، ۽ اهي علائقي ۾ ڪيترين ئي دهشتگرد ڪاررواين ۾ سرگرم رهيا هئا۔
بيان موجب، “ثبوتن مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته خوارج مقامي آبادي کي ڊيڄاري ۽ دٻاءُ وجهي پنهنجي تابع بڻائيندا هئا ته جيئن انهن کي محفوظ لنگهه ملي سگهي، ۽ ماڻهن کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو ويندو هو۔”
فوج پنهنجي بيان ۾ چيو ته، “اهڙا عمل سخت مذمت جوڳا آهن ۽ عوامي زندگين کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي۔”
بيان موجب، علائقي کي صاف ڪرڻ وارو آپريشن هن وقت به جاري آهي ۽ سيڪيورٽي فورسز علائقي جو مؤثر گهيرو ڪري ڇڏيو آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو