وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

لاهور(ويب ڊيسڪ) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٻن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب پهچي ويو آهي. هو سومر تي رياض ۾ جاري عرب اسلامي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. سندس 10 رڪني وفد ۾ راڻا ثناءٌ الله ۽ طارق فاطمي به شامل آهن. وزيراعظم لاهور جي پراڻي هوائي اڏي تان خصوصي جهاز ذريعي رياض روانو ٿيو. جاري ڪانفرنس ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار اڳ ۾ ئي پهتل آهي، جنهن خطاب ۾ چيو ته اسلامي دنيا کي رڳو اسرائيل جي مذمت نه ڪرڻ گهرجي پر او آءِ سي جي پليٽ فارم تان فوري جنگبندي لاءِ ۽ اسرائيل کي جنگي ڏوهن جو ذميوار قرار ڏيارڻ لاءِ اپاءَ وٺڻ گهرجن ۽ جنگ زده فلسطينين جي مدد ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو