وزيراعظم لاهور کان برطانيا روانو ،نواز شريف سان ملاقات ڪندو

وزيراعظم لاهور کان برطانيا روانو ،نواز شريف سان ملاقات ڪندو

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف هڪ هفتي جي پرڏيهي دوري تي لاهور کان برطانيا روانو ٿي ويو.روانگي کان اڳ وزيراعظم اڱاري ڏينهن ڪابينا ۾ پنهنجي ويجهن ساٿين سان اهم مشاورت ڪئي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي وفد سميت خاص جهاز ذريعي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.شهباز شريف لاهور کان سڌو لنڊن پهچندو جتي برطانوي حڪومت جي دعوت تي ڇنڇر تي برطانوي بادشاهه جي تاجپوشي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.شهباز شريف لنڊن ۾ پنهنجي ڀاءُ محمد نواز شريف سان به ملاقات ڪندو.قوي امڪان آهي ته وزيراعظم وطن واپسي کان اڳ ترڪي ۽ سعودي عرب جو دورو به ڪندو پر ان حوالي سان حتمي پروگرام اڃا تائين سامهون ناهي آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو