وزيراعظم سڀاڻي کان ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي ويندو

وزيراعظم سڀاڻي کان ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي ويندو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف 27 کان 29 آڪٽوبر تائين سعودي عرب جو دورو ڪندو.ان حوالي سان پرڏيهي آفيس چيو آهي ته وزيراعظم سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي دعوت تي رياض جو دورو ڪندو. ان سان گڏ نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ ڪابينا جا سينئر ميمبر به هوندا.پرڏيهي آفيس موجب، وزيراعظم رياض ۾ فيوچر انويسٽمينٽ انيشيئيٽو جي نائين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، جتي عالمي اڳواڻ، سيڙپڪار ۽ پاليسي ساز شرڪت ڪندا. اجلاس ۾ جدت، پائيداري، اقتصادي شموليت ۽ جيو پوليٽيڪل چئلينجز تي بحث ڪيو ويندو.پرڏيهي آفيس هن حوالي سان چيو آهي ته وزيراعظم واپار، سيڙپڪاري، توانائي ۽ افرادي قوت جي شعبن ۾ تعاون تي بحث ڪندو.وزيراعظم ٻين عالمي اڳواڻن ۽ بين الاقوامي تنظيمن جي سربراهن سان پڻ ملاقات ڪندو، جنهن دوران علائقائي ۽ عالمي معاملن تي بحث ڪيو ويندو ۽ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي موقعن ۽ پائيدار ترقي لاءِ ويزن کي اجاگر ڪيو ويندو.پرڏيهي آفيس موجب، هي دورو معيشت، سفارتڪاري ۽ پائيدار ترقي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ظاهر ڪري ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو