حيدرآباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ورلڊ ڪپ جي پنهنجي پهرين ميچ ۾ نيدرلينڊ يعني هالينڊ کي 81 رنز تان شڪست ڏئي فتح جي شروعات ڪئي آهي. حارث رئوف 3، حسن علي 2 ۽ باقي بالرن کي هڪ هڪ وڪيٽ ملي.پال وي ميڪرين کي بولڊ ڪري ميچ ختم ڪئي. 287 جي ٽارگيٽ لاءِ نيدر لينڊ بيٽنگ شروع ڪئي ته 28 جي مجموعي اسڪور تي پهرين وڪيٽ ڪري، حسن علي بريڪ ٿرو ڪيو ۽ اوپنر ميڪس او ڊوڊ رنسون ٺاهي شاهين آفريدي هٿان ڪيچ ٿيو. 50 جي اسڪور تي ڪولن ايڪرمين 17 رنسون ٺاهي افتخار جي بال تي بولڊ ٿيو. 120 جي اسڪور تي ٽئين وڪيٽ ڪري، وڪرمجيٽ سنگهه 52 رنز ٺاهي شاداب جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد پاڪستان جي ميچ تي گرفت ايندي وئي، 133 جي اسڪور تي تجا ندا مامورو رنز ٺاهي حارث رئوف جي بال تي فخر هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد 158 جي اسڪور تي ثاقب ذوالفقار 10 رنس ٺاهي شاهين جو شڪار بڻيو ۽ ايل بي ڊبليو ٿيو. نيدرلينڊ جي 7 وڪيٽ 164 جي اسڪور تي ڪري جڏهن باس ڊي ليڊ ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 68 بالن تي 67 رنز ٺاهي نواز جي بال تي بولڊ ٿيو. هن پليئر جي آئوٽ ٿيڻ بعد ميچ تي پاڪستان جو مڪمل ڪنٽرول وڌڻ لڳو. روولوف وينڊر مروي 4 جي ذاتي اسڪور تي بابر اعظم جي ٿرو تي رن آئوٽ ٿيو. نائين وڪيٽ ان وقت پاڪستان کي ملي جڏهن آرين دت کي 184 جي مجموعي اسڪور تي حسن علي بولڊ ڪيو. 39 اوور مڪمل ٿيڻ تي 9 وڪيٽن جي نقصان تي نيدرلينڊ 191 رنز ٺاهي چڪي هئي. آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي ٻي ميچ ۾ هالينڊ پاڪستان خلاف ٽاس کٽي پهرين فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو. پاڪستاني ٽيم 49 اوورزن ۾ 286 رنز ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي. نيدر لينڊ جي بالرز ٽاپ آرڊر کي جلدي آئوٽ ڪري خطري جي گهنٽي وڄائي هئي پر رضوان ۽ سعود شڪيل جي پارٽنرشپ ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ پاڪستان فائيٽنگ اسڪور ڪري سگهيو. سعود شڪيل 32 بالن تي ففٽي مڪمل ڪئي ۽ مجموعي طور 9 چوڪن ۽ هڪ ڇڪي جي مدد سان 52 بالن تي 68 رنز ٺاهي ايرين دت جي بال تي ذوالفقار هٿان ڪيچ ٿيو. رضوان 8 ڇوڪن جي مدد سان 75 بالن تي 68 رنز ٺاهي دي ليڊ جي بال تي بولڊ ٿيو. 38 رنز تي پاڪستان جون ٽاپ 3 وڪيٽيون، فخر، امام ۽ بابر آئوٽ ٿي ويا هئا. نواز 39 ۽ شاداب 32 رنز ٺاهيون، شاهين 16 ۽ حارث 13 رنز ٺاهيون. آخري وڪيٽ، رن آئوٽ ٿيندڙ حارث رئوف هو. گرين شرٽس ۽ هالينڊ وچ ۾ ميچ حيدرآباد دکن ۾ کيڏي پئي وڃي. پاڪستاني ٽيم ۾ ڪپتان بابر اعظم، امام الحق، فخر زمان، محمد رضوان، سعود شڪيل، افتخار احمد، شاداب خان، محمد نواز، حارث رئوف، شاهين شاهه آفريدي ۽ حسن علي شامل آهن.ٽاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم چيو ته هو اڄوڪي ميچ ۾ ورلڊ ڪپ جي شروعات سٺي نموني ڪنداسين، هو 290 يا 300 کان وڌيڪ رنسون ٺاهڻ جي ڪوشش ڪندا، ٽيم جي لاءِ سازگار هوندو.ان کانسواءِ فاسٽ بالر حسن علي جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ڪوشش ڪندس ته پنهنجي تجربي سان ٽيم لاءِ بهترين پرفارمنس ڏيان، جڏهن ته ورلڊ ڪپ کٽڻ ڪنهن به ٽيم لاءِ اهم هوندو آهي.










