ممبئي(ويب ڊيسڪ)بظاهر افغانستان جي کٽيل ميچ آسٽريليا جو زخمي آل رائونڊر گلين ميڪسويل ڊبل سينچري اسڪور ڪري افغانستان کي ناقابل يقين انداز ۾ 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ميڪسويل جا 4 ڀيرا ڪيچ ڊراپ ٿيا، ڪيترا ڀيرا هو زخمي هالت ۾ ڪري پيو ۽ 4 ڀيرا داڪٽر گرائونڊ ۾ پهچي کيس طبي امداد ڏني. 46.5 اوورز ۾ ڇڪو هڻي هڪ پاسي پنهنجي ڊبل سينچري مڪمل ڪئي ته ٻئي پاسي ٽيم جي فتح يقيني بنائي. 128 بالن تي 201 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو ۽ هن مهل تائين ورلڊ ڪپ جو ڊبل سينچري ٺاهنيدڙ پهريون رانديگر آهي. هن 21 چوڪا ۽ 10 ڇڪا هنيا. سندس ساٿ ٻئي اينڊ تي ڪپتان پيٽ ڪمنز ڏنو جنهن 68 بالن تي 12 رنز ٺاهيون. ورلڊ ڪپ جي 39هين ميچ ۾ افغانستان جي 292 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ آسٽريلوي بيٽنگ لائن بيوس بڻيل آهي. ڪينگروز جي اڌ ٽيم 69 رنسن تي پويلين موٽي وئي. افغانستان جي 292 رنسن جي تعاقب ۾ آسٽريليا جو ٽاپ آرڊر ريل جي ديوار ثابت ٿيو، 10 اوورن جي پهرين پاور پلي ۾ 4 بيٽسمين پويلين موٽي ويا. آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر 18، مچل مارش 24، ٽريوس هيڊ ۽ جوش انگلز صفر رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، ڪينگروز جي پنجين وڪيٽ لبسچينج 69 جي مجموعي اسڪور تي 14 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو. ان کان علاوه اسٽوئنز 6 رنسون ٺاهي راشد خان جو شڪار بڻجي ويو. آسٽريليا 17 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 87 رنسون ٺاهيون. ستين وڪيٽ مچل اسٽارڪ جي هئي جيوڪ راشد خان جي بال تي ڪيپر اڪرام الله هٿان ڪيچ ٿيو، هن 3 رنسون ٺاهيون، ڪيپر جي هٿ مان ٻه ڀيرا بال سلپ ٿيو پر ٽئين ڀيرٿ پڪڙي ورتو. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ اها ميچ ممبئي جي وانخيڊ اسٽيڊيم ۾ کيڏي پئي وڃي جنهن ۾ افغانستان ٽاس کٽي آسٽريليا خلاف بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. افغانستان مقرر 50 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 291 رنسون ٺاهيون، ابراهيم زدران 129 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.










