ڪراچي( ڳالهه ٻولهه باغي ساگر پنھوار ) ڇولا کپائيندڙ مزدور جي پٽ 15 سالن جي عمر ۾ نبيل حيدر واٽس ايپ کان به بهتر ‘ايف ايف ميٽنگ ايپ’ ٺاھڻ جو اعزا ماڻي ورتو. سنڌيار سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته ٽئين ڪلاس ۾ پڙھائي دوران گيم ٺاھڻ بعد شوق ٿيو ۽ نيٺ اها ايپ تيار ڪري ورتي آهي. هي ايپ واٽس ايپ جيان دنيا ۾ ڪم ڪري سگهي ٿي. نيبل حيدر جيڪو ڪراچي جي دستگير نمبر 14 علائقي جو رھائشي آهي تنهن ٻڌايو ته فيملي اينڊ فرينڊ ايپ يعني ايف ايف ايپ ۾ واٽس ايپ کان بهتر فيچر آهن. مون کي هي ايپ تيار ڪرڻ بعد عوام ۽ سياسي توڙي سرڪاري ادارن پاران ڀرپور موٽ ملي آهي.

نبيل حيدر سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو ته منھنجو والد ذوالفقار محنت مزدوري ڪندو آهي ۽ مون کي پڙھائڻ ۾ منهنجي والد جو ساٿ آهي نبيل حيدر سنڌ يار سان ڳالھائيندي چيو ته منهنجي ان ايپ کي ھڪ لک ماڻھن ڊاون لوڊ ڪيو آهي ۽ ان ۾ عوام کي ھر طرح سان بھترين فائدو ملي سگھي ٿو جنهن ۾ سيڪرٽ چيٽ، مختلف ٿيمز، سمال ۽ لارج سائيز ۽ ٻه کان چار ڪلاڪ جي ويڊيو آساني سان اپ لوڊ يا ڊائون لوڊ ڪري سگھجي ٿي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته ھڪ ميسيج اوھان ھڪ ئي وقت پنچاھ مختلف گروپن ۾ شيئر ڪري سگھو ٿا. ياد رهي ته جڳ مشهور واٽس ايپ ۾ رڳو هڪ وقت پنج گروپن يا ڪانٽيڪٽس ۾ پوسٽ شيئر ڪرڻ جو آپشن آهي ۽ وڏي سائيز جي ويڊيو شيئر نٿا ڪري سگهو. نبيل حيدر ٻڌايو ته آئي ٽي جي منسٽر امين الحق سان ملاقات ٿي آهي جنهن منهنجي ڪم کي ساراهيو آهي. هن نوجوانن لاءِ پيغام ۾ چيو ته اسانجي ملڪ ۾ نوجوانن وٽ بھترين ٽيلنٽ آهن انهن کي هو اجاگر ڪن ۽ زندگي مان مايوس ڪڏهن به نه ٿين، ايندڙ دور تخليقي صلاحيتن جو دور آهي.










