وارهه: (ن س) وارھ ۾ قبائلي تڪرار جي باهه ٻيهر ڀڙڪي اٿي اميراڻي پاڙي جي معزز شخصيت شاهن اميراڻي پٽ جي اکين اڳيان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويو، تفصيل موجب وارھ لاڙڪاڻو روڊ ڊگري ڪاليج لڳ 5 هٿياربند موٽرسائيڪل سوار شاهن اميراڻي جو رستو روڪي پٽ جي اکين اڳيان سندس پيءُ تي سڌي فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ شاهن اميراڻي سخت زخمي ٿي پيو زخمي کي فورن وارھ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي هو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. شاھن اميراڻي جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويوواقعي بعد ڳوٺ ۾ ھڪ دفعو ٻيهر ٻنھي ڌرين جي ھڪ ٻئين مٿان سڌي فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ عورت زخمي ٿي پئي جنھن کي پڻ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ وارھ سول هاسپيٽل مان فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو جتي عورت به زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي وئي. ان موقعي تي مارفاڻي قبيلي جي معزز شخصيت وچ ۾ پئجي فائرنگ بند ڪرائي ڇڏي آهي واقعي بعد مارفاڻي قبيلي جي معزز شخصيت رئيس منظور احمد مارفاڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھي جيڪو ڪجھ ٿي رھيو آھي اھا انتظاميه جي نااهلي آھي اسان ڪوشش ڪريون ٿا ته مسئلا حل ٿين پر گرفتاريون نه ٿيڻ ۽ سزا نه ملڻ سبب اھڙا واقعا وڌي رهيا آهن ان لاءِ انتظاميه کي متحرڪ ٿيڻ گھرجي اھڙي واقعي بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙيل آهي. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪو به ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو نه وري وارثن طرفان ڪو مؤقف پيش ڪيو ويو آهي.










