دادو (ادل مهيسر ) نيو بس اسٽاپ ڀرسان هٿيار بندن فائرنگ ۾ واپاري علي اصغر مهيسر قتل ٿي پيو جڏهن ته رڪشا ڊرائيور نياز چانڊيو ۽ واٽهڙو ٻارڙي 10 ورهين جي هير بانو ڌيءَ رفيق ٻٻر زخمي ٿي پيا. لاش کي سول اسپتال دادو منتقل ڪيو ويو ۽ زخمي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه ريفر ڪيو ويو. قتل جو ڪارڻ جتوئي ۽ مهيسر برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار ٻڌايو پيو وڃي. واقعي کانپوءِ هٿيار بند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. ٻڌايو پيو وڃي ته مقتول نوجوان واپاري آهي هڪ سال اڳ جتوئي برادري 25 نومبر 2018 ۾ مراد علي جتوئي خُدا آباد ڀرسان قتل ٿي ويو هو ان جي پلاند ۾ علي اصغر مهيسر کي قتل ڪيو ويو آهي. هڪ هفتو اڳ هو ضمانت تي اُنهي قتل ڪيس ۾ آزاد ٿيو هو. علائقي ۾ چئوٻول آهن ته ڌُريون فيصلن تي به راضي ٿي ويون پر اڄ وري موٽر سوار هٿياربندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو آهي.

جڏھن ته ايس ايس پي آفيس دادو جي ميڊيا ڪوآڊينيٽر عبدالزاق قمبراڻي ٻڌايو ته ھٿياربند جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف علائقن جي ناڪابندي ڪئي وئي آھي جڏھن ته واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي. مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي طرف قتل واقعي خلاف فوتي جي وارثن وزير مهيسر، شهزاد مهيسر جي اڳواڻي ۾ ڳوٺاڻن وڏي تعداد ۾ گڏ ٿي نيشنل هاءِ وي ۽ انڊس هاءِ وي تي لاش رکي ڌرڻو هڻي رڪاوٽون وجهي روڊ تي ايندڙ ويندڙ ڪراچي، حيدر آباد، لاڙڪاڻو، سکر طرف ويندڙ گاڏيون بيهاري ڇڏيون جنهن سبب مسافر گاڏين کي سخت پريشاني کي منهن ڏسڻو پيو 3ڪلاڪ بعد ڊي ايس پي دادو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو ۽ جوابدار گرفتار ڪرڻ جي يقين ڌياني ڏياري.










