بيجنگ(ويب ڊيسڪ)چين جي ٽيڪ جائنٽ، هواوي ٽيڪنالاجيز فاسٽ ڪمپيوٽنهارڊ ويئر متعارف ڪرايو آهي جنهن بعد آمريڪي ڪمپني نويڊا جي چپس جي هاڻي ضرورت نه پوندي. ڪامياب تجربر بعد ٽيڪنالوجي ماهرين نئين فاسٽ ڪمپيوٽنگ هارڊويئر تي حيران آهن. اڄ جمعي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ چين جي صدر شي جن پنگ ۾ فون تي ڳالهه ٻولهه کان هڪ ڏينهن اڳ چيني ڪمپني اهڙو اعلان ڪري ٽيڪنالوجي جي دنيا ۾ سونامي برپا ڪيو آهي. آمريڪي صدر اڳ ۾ هاءِ ٽيڪ ڪمپيوٽنگ چپس چين کي وڪرو ڪرڻ تي پابندي هنئي هئي. جنهن بعد چين جي ڪمپنين متبادل ٽيڪالوجي تي تحقيق شروع ڪئي هاڻي هبب بريڪ ٿرو حاصل ڪيو آهي. جيتوڻيڪ بعد ۾ نويڊا جي درخواست تي آميڪي صدر پابنديون ختم ڪيون هيون پر تيسيسن ڪافي دير ٿي چڪي هئي. هواوي جي نئين فاسٽ ڪمپيوٽنگ هارڊويئر سان آميڪي ڪمپني نويڊا کي اربين ڊالر جو نقصان ٿيندو. هواوي شينزين جي ٽيليڪميونيڪيشن سامان جي وڏي ڪمپني آهي ۽ سندن ان اعلان سان چين اربين ڊالر جي برآمدات واري رقم به بچائي سگهندو. هواوي چيو آهي ته هنن “دنيا جو سڀ کان طاقتور” سپرنوڊ ڪمپيوٽنگ ڪلسٽر تيار ڪيو آهي، جيڪو مقامي تيار ڪيل چپس تي ٻڌل آهي. هي ٽيڪنالجي آميڪا جي ايڊوانسڊ چپ واري ٽيڪنالوجي جو متبادل نظام آهي.










