پشاور(ويب ڊيسڪ)هنگو جي تعلقي ٽل جي علائقي دوآبه ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري (ايف سي) جي قلعي تي حملي ۾ 3 اهلڪار شهيد ۽ 17 زخمي ٿي پيا. ايس پي آپريشنز اسد زبير موجب، دوآبه جي علائقي توره وڙي ۾ايف سي جي قلعي تي حملو ڪيو ويو. پوليس اختيارين مطابق، دهشتگردن جي حملي ۾ فيڊرل ڪانسٽيبلري جا 3 جوان شهيد ۽ 17 زخمي ٿيا. ايس پي آپريشنز ٻڌايو ته پوليس ۽ ايف سي جي ڀرپور جوابي ڪارروائي کانپوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا. ايس پي اسد زبير جو چوڻ آهي ته زخمي اهلڪارن کي دوآبه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.










