اسلام آباد(بيورو رپورٽ)امير جماعت اسلامي سراج الحق چيو آهي ته هن وقت اهم مسئلو اليڪشن آهي ۽ ڪڏهن ٿينديون.سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي سراج الحق چيو ته اسان اهڙي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ چاهيون ٿا جنهن ۾ ڌانڌلي نه هجي، ملڪ ۾ الڳ چونڊون نه ٿيڻ گهرجن، گڏجڻ ئي بهتر آهي.هن چيو ته آئين ايترو ڪمزور ناهي ته چونڊن تي اختلافن سبب تباهه ٿي وڃي، ڌار ڌار چونڊن جا نتيجا قوم لاءِ مسئلا پيدا ڪندا، سياسي انتشار ۽ آئيني بحران سبب اسان جي معيشت تباهه ٿي رهي آهي.سراج الحق جو چوڻ آهي ته سياسي عدم استحڪام سبب ادارن سميت غريب عوام تي خراب اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهو خوراڪ جا ذريعا به وڃائي ويٺا آهن.امير جماعت اسلامي چيو ته سياستدانن جي ويڙهه سان عوام متاثر ٿي رهيو آهي، اليڪشن ڪنهن سياسي پارٽي جو مسئلو ناهي، اسان اهڙي تاريخ چاهيون ٿا جيڪا سڀني کي قبول هجي.سندن چوڻ هو ته سندن خلوص سان تجويز آهي ته مرڪز ۽ صوبن ۾ نگران حڪومتون قائم ڪيون وڃن، سياسي پارٽيون گڏجي چونڊن جي تاريخ جو فيصلو ڪن.










