ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هل پارڪ جي هڪ انچ جڳهه به ڪنهن کي ناهي ڏني.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هل پارڪ ڪي ايم سي جي پراپرٽي هئي، ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي ۽ رهندي. ميئر ڪراچي جو چوڻ آهي ته عيد دوران لينڊ فل سائيٽس تي 81 هزار 525 ٽن اوجهڙيون ۽ آلائشنون آنديون ويون ۽ صفائي مهم دوران 88 هزار 436 ٽن جانورن جو ويسٽ (ملبو) ۽ ڪچرو اڪلايو ويو.مرتضيٰ وهاب چيو ته کلن ۽ لاشن جي سياست ڪراچي کي نقصان پهچايو، شهر کي تقسيم ۽ نقصان پهچائيندڙ سياست کان پاسو ڪرڻو پوندو ۽ عوامي مفاد کي ترجيح ڏيڻي پوندي. مرتضيٰ وهاب ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن تي طنزيه تنقيد ڪندي شعر کي تبديل ڪري ائين پڙهيو ته:”پتا پتا بوٽا بوٽا حال همارا جاني هي، جاني نه جاني وسيم اور فاروق ئي نه جاني هي. ميئر ڪراچي جو چوڻ آهي ته عيد تي صفائي آپريشن ۾ رڪاوٽ وجهندڙن خلاف 40 ڪيس داخل ڪيا ويا ۽ 14 گرفتاريون عمل ۾ آيون.هن وڌيڪ چيو ته شهرين کي شڪايتن جي اندراج لاءِ سڌي سنئين هيلپ لائن فراهم ڪئي وئي هئي، ان هيلپ لائن تي 4 ڏينهن ۾ 1 هزار 333 شڪايتون موصول ٿيون.مرتضيٰ وهاب اهو به چيو ته 90 سيڪڙو شڪايتن جو ازالو ڪري شهرين کي وقت سر ريليف فراهم ڪيو ويو.










