هرمز بندش، پاڪستان بحر احمر ذريعي تيل وٺڻ  شروع

هرمز بندش، پاڪستان بحر احمر ذريعي تيل وٺڻ شروع

رياض(ويب ڊيسڪ) آبنائي هرمز جي بندش سبب پاڪستان بحر احمر ذريعي تيل کڻڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي.ذريعن موجب، هڪ پي اين ايس سي جهاز سعودي عرب جي ينبو بندرگاهه تي پهچي ويو آهي، جتي جهاز سڀاڻي پاڪستان لاءِ 73,000 ٽن خام تيل کڻي ڪراچي روانو ٿيندو.شپنگ ذريعن موجب هڪ ٻيو پي اين ايس سي جهاز، شالامار، جنگي علائقي مان تيل لوڊ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته شالامار جهاز فجيره کان تيل لوڊ ڪرڻ کان پوءِ ڪراچي روانو ٿيو هو، جڏهن ته پي اين ايس سي جا ٻه جهاز، ڪراچي ۽ چارٽر پي علي، هرمز جي بندش سبب ڦاسي پيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو