ڪوئٽه (ويب ڊيسڪ)بلوچستان ڪابينا وفاقي ۽ صوبائي سيڪيورٽي ادارن کي هاءِ ويز تان چيڪ پوسٽون فوري طور هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو جي صدارت هيٺ صوبائي ڪابينا جو خاص اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.اجلاس ۾ سڪيورٽي چيڪنگ جي آڙ ۾ روڊن تي چيڪ پوسٽون قائم ڪرڻ تي سخت ردعمل جو اظهار ڪيو ويو.ڪابينا سمورن لاڳاپيل وفاقي ۽ صوبائي سڪيورٽي ادارن کي هاءِ ويز تان چيڪ پوسٽون فوري طور هٽائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مستقبل ۾ ڪو به ادارو صوبائي حڪومت جي اجازت کانسواءِ هاءِ ويز تي چيڪ پوسٽون قائم نه ڪندو.اجلاس ۾ چيو ويو ته چيڪ پوسٽ جو قيام گهرو کاتي جي اجازت سان مشروط هوندو، بسن ۽ گاڏين ۾ سوار عورتن، ٻارن، مريضن ۽ بزرگن کي چيڪ پوسٽن تي ڪلاڪن تائين روڪيو ويندو، عوام کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. حڪومت ۽ ادارن جي ذميواري آهي، ٻين صوبن ۾ هاءِ ويز ۽ شهرن اندر وفاقي سيڪيورٽي ادارن جون چيڪ پوسٽون نه آهن، تنهنڪري بلوچستان ۾ به چيڪ پوسٽون نه هئڻ گهرجن.ڪابينا جو چوڻ آهي ته شاهراهن تي چيڪ پوسٽن جي افاديت ڪڏهن به سامهون نه آئي آهي ۽ اڄ تائين بسن مان ڪو به دهشتگرد گرفتار ناهي ڪيو ويو، سڪيورٽي ادارا سماج دشمن عنصرن خلاف ٽارگيٽيڊ ڪارروايون ڪن.










