نوشهروفيروز (مشتاق حسين مري) ساهتي پرڳڻي جو سينئر سياستدان ۽ جتوئي خاندان جو پراڻو سياسي حريف حاجي رحمت الله بهڻ 90 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم حاجي رحمت الله بهڻ ڪجهه عرصي کان مختلف بيمارين ۾ مبتلا هو ۽ اوچتو سندس حالت خراب ٿي وئي ۽ پنهنجي خالق حقيقي سان وڃي مليو. مرحوم حاجي رحمت الله بهڻ ضياءِ الحق جي آمريتي دور ۾ مجلس شورا جو ميمبر رهيو بعد ۾ 1988ع جي عام چونڊن ۾ جهوني سياستدان مرحوم غلام مصطفيٰ جتوئي کي مورو- نوشهروفيروز جي قومي تڪ تان شڪست ڏئي ملڪي سياست ۾ نالو ڪمايو. پ پ ۾ هئڻ باوجود به مرحوم پير پاڳاري سڪندر شاهه سان انتهائي ويجها ۽ دوستاڻا تعلقات نڀايا. گذريل ڪجهه وقت کان پاڻ سياست کان لاتعلق ٿي پنهنجي ڏوهٽي ذوالفقار بهڻ کي سياست ۾ آندو جنهن پڻ گذريل عام چونڊن ۾ غلام مرتضيٰ جتوئي کي شڪست ڏئي ايم اين اي بڻيو. حاجي رحمت الله بهڻ جي وفات واري خبر بعد علائقي ۾ سوڳ جي لهر ڇائنجي وئي. سندس تڏو اباڻي ڳوٺ ڌيرڻ ۾ وڇايو ويو آهي جتي سڀاڻي 10 وڳي سندس جنازي جي نماز ادا ڪئي ويندي. مرحوم رحمت الله بهڻ ٽي پٽ هدايت الله، نعمت الله ۽ محمد ڪامران بهڻ، هڪ نياڻي ۽ ڏوهٽو ذوالفقار بهڻ کي سوڳوار ڇڏيو آهي. حاجي رحمت الله بهڻ پنهنجي پٽن کي نوڪرين ۾ ڀرتي ڪرايو ۽ پنهنجي ڏوهٽي ذوالفقار بهڻ کي سياسي جان نشين مقرر ڪيو جيڪا علائقي ۾ هڪ نئين روايت ليکي وڃي ٿي.










