نيو ڪراچي لوڊشيڊنگ ڪيس، نيپرا کي مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم

نيو ڪراچي لوڊشيڊنگ ڪيس، نيپرا کي مهيني ۾ فيصلو ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ فيڊر جي خرابي خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي نيپرا کي حڪم ڏنو آهي ته درخواستگذار جي شڪايت تي هڪ مهيني اندر فيصلو ڪيو وڃي.ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته صنعتي يونٽن کي روزانو 14 کان 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سبب صنعتون سخت متاثر ٿي رهيون آهن. درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ موقف اختيار ڪيو ته فيڊر جي خرابي بابت ڪي اليڪٽرڪ ۽ نيپرا کي به شڪايتون داخل ڪيون ويون آهن، پر مسئلو اڃا تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. هن موقف اختيار ڪيو ته صنعتن کي بجلي جي مستحڪم فراهمي يقيني بڻائڻ ڪي اليڪٽرڪ جي ذميواري آهي. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته درخواستگذار قانون موجب موجود متبادل فورم سان به رجوع ڪري چڪو آهي، تنهن ڪري نيپرا سڀني ڌرين کي ٻڌي درخواست تي هڪ مهيني اندر قانون مطابق فيصلو ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو