نيب قانون ۾ ترميم، شهباز، پرويز، حمزا ۽ گيلاني خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس

نيب قانون ۾ ترميم، شهباز، پرويز، حمزا ۽ گيلاني خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس

اسلام آباد(بيورو)قومي احتساب بيورو (نيب) ضابطن ۾ ترميم تحت نيب ريفرنسز ۾ جوابدارن کي وڏو رليف مليو آهي.نيب ضابطن ۾ ترميم کانپوءِ احتساب عدالتن وزيراعظم شهباز شريف، حمزا شهباز، راجا پرويز اشرف ۽ يوسف رضا گيلاني خلاف فرد جرم سميت 50 ڪرپشن ريفرنسز واپس ڪري ڇڏيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف ۽ حمزه شهباز خلاف رمضان شگر ملز ريفرنس واپس ورتو ويو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف خلاف 6 رينٽل پاور ڪرپشن ريفرنسز به واپس وٺي ڇڏيا آهن.اهڙي طرح پيپلز پارٽي جي سينيٽر ۽ اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني خلاف يو ايس ايف فنڊ ۾ ڪرپشن جو ريفرنس واپس ورتو ويو آهي.ان کان علاوه سينيٽر سليم مانڊوي والا، خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير سردار مهتاب عباسي ۽ پيپلز پارٽي جي سينيٽر روبينا خالد خلاف مبينا ننڍي ڏوهن جو ريفرنس به واپس ورتو ويو آهي.نيب ضابطن ۾ ترميم کانپوءِ احتساب عدالتن مان مضراب اسڪينڊل ۽ ڪمپني فراڊ جا ريفرنس به واپس وٺي ڇڏيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو