نواز شريف جون منجمد ملڪيتون بحال ڪرڻ جو حڪم

نواز شريف جون منجمد ملڪيتون بحال ڪرڻ جو حڪم

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور جي احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کي غير قانوني پلاٽ الاٽمينٽ ريفرنس ۾ بري ڪرڻ جو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي.عدالت نواز شريف ۽ سندس 27 شيئر هولڊرن جون منجمد ملڪيتون بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. احتساب عدالت چيو آهي ته رڪارڊ مان معلوم ٿئي ٿو ته نواز شريف کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو. ان وقت جي حڪومت نيب عملدارن کي مجبور ڪيو ته نواز شريف جو سياسي ڪيريئر تباهه ڪري.ملڪ جي ٽي ڀيرا وزيراعظم نواز شريف جي ساک تباهه ٿي وئي. ريفرنس جي الزامن ۾ انهن جو ڪردار شريڪ جوابدارن کان گهٽ آهي.عدالت حڪم ڏنو ته نيب اپيل جو وقت گذرڻ کانپوءِ ملڪيتن جو ڪيس اڪلائي، فيصلي جي ڪاپي چيئرمين نيب ۽ ڊپٽي پراسيڪيوٽر جنرل نيب کي موڪلي وڃي.احتساب عدالت چيو آهي ته سينيئر اسپيشل پراسيڪيوٽر اسد اعواڻ کي حقيقتن جي آڌار تي عدالتي معاون مقرر ڪيو ويو، هن چيو ته نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ قانون موجب ناهي.فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اسپيشل پراسيڪيوٽر چيو آهي ته نئين نيب ترميم موجب نواز شريف خلاف ڪارروائي نه ٿي سگهي، کيس اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو حتمي ناهي، ڪنهن به وقت واپس وٺي سگهجي ٿو.لاهور جي احتساب عدالت فيصلي ۾ اهو به چيو ته عدالت خاموش تماشائي نه ٿي رهي سگهي، نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، شڪايتي آفيسر جو بيان رڪارڊ نه ٿيڻ تي نواز شريف کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي قانوني ناهي. ، حارث قريشي چيو ته نواز شريف کي سندس ملڪيتن تي اعتراضن تي فيصلو اچڻ کان اڳ ئي بري ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو