ڏيپلو(ن سنڌيار)پراڻي تڪرار تان ڳوٺ ڦل کوهي ۾ نهڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو، ٻن سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل ٿي ويا. علائقي ۾ مخوف ڇائنيل آهي پوليس جا وڏا اٽالا پڻ بيٺل آهن. نھڙي برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل سال بيل گاڏي تان جهيڙو ٿيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سڪندر پٽ طيب نهڙيو کي بندوق جا فائر ڪري قتل ڪيو ويو هو. جنهن جي ڪيس ۾ دودو نهڙيو ۽ سندس پٽ ڪيس ۾ نامزد هيا جنهن ۾ دودو کي عدالت بري ڪيو هو ۽ سندس پٽ اڃان جيل ۾ آهي جنهن جي پلاند ۾ اڄ اسماعيل نهڙيو طيب نهڙيو ۽ ٻين گڏجي کوهه تي چوپائي مال لاءِ پاڻي ڪڍندڙ خالق ڏنو نهڙيو ۽ رازق ڏنو نهڙيو کي ڪهاڙين جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو جڏهن ته ۽ سندن ٻيو ڀاءُ به کين ڇڏائڻ آيو ته انهي کي به ڪهاڙين جا وار ڪري سخت زخمي ڪري ڇڏيو.

ميڊيا ۾ خبرون هلڻ جي ٻه ڪلاڪ کان پوءِ ڏيپلو مٺي پوليس پهتي جنهن فوتين ۽ زخمين کي پوليس موبائيل ۾ کڻائي پوسٽ مارٽم لاءِ ڏيپلو اسپتال منتقل ڪيو. ڳوٺ ۾ خوف واري صورتحال ڇائنيل آهي ۽ پوليس جا وڏا اٽالا پڻ واقعي واري هنڌ بيٺل آهن. پراڻي تڪرار جي نبيري لاءِ ڌريون راڄوڻي فيصلي لاءِ حد جي وڏيرن پويان ھليون پر فيصلو نه ٿي سگهيو، ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آهن. ايس ايس پي ٿرپارڪر نوٽيس وٺي پوليس موڪلي جيڪا ڊي ايس پي سڄاڻ سنگھ جي اڳواڻي ۾ ڳوٺ ڦل کوهي پهتي جنهن ڳوٺاڻن جي معرفت لاش کڻايا. ايس ايس پي ٿرپارڪر جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته ٿر جي امن امان جي صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو ويندو هي واقعو دل ڏکوئيندڙ آهي. هوڏانهن مقتول نوجوانن جي قتل جي ڏيپلو ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪئي وئي آهي پوليس ڪارروائي ڪري طيب ۽ اسماعيل سميت 4 ڄڻن کي موٽر سائيڪل سميت ٿاڻي تي وٺي وئي. فوتي رازق ڏنو ۽ خالقڏنو جا لاش سندن والد دودو وصول ڪيا. زخمين جو سول اسپتال ڏيپلو ۾ علاج هلندڙ آهي.










