ننڍي عمر جي ڪنوار، گھوٽ ٻن ساٿين سميت گرفتار

ننڍي عمر جي ڪنوار، گھوٽ ٻن ساٿين سميت گرفتار

ميرپورخاص (ن س )ميرپورخاص ڀرسان ننڍي عمر جي نينگري سان شادي ڪرائڻ جي الزام ۾ اڌڙوٽ گھوٽ سميت 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. دلبر مهر پوليس اطلاع ملڻ تي ڳوٺ جان محمد جوڻيجو ۾ رٿيل ڪاڄ تي ڇاپو هنيو. پوليس ننڍي عمر جي نينگري سان شادي ڪرڻ جي الزام ھيٺ آيل گھوٽ 45 سالن جي عبدالمجيد سامي ۽ نينگري جي والد رانجھو سامي کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جڏھن تھ 15 سالن جي نينگري کي ليڊيز پوليس حفاظت ۾ وٺي ڇڏيو آھي. پوليس موجب نينگري ٻڌايو آھي تھ سندس زبردستي شادي ڪرائي پئي وئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو