لاڙڪاڻو(ن س)ينگ نرسز ايسوسيشن لاڙڪاڻو ايڪويھين فيبروري تي پي اين ايند ايم سي (PN&MC) جي نرس ميمبر لأ ٿيل اليڪشن ۾ جيت تي لاڙڪاڻو ڊويزن جي سڀني نرسز جو شڪريو ادا ڪري ٿي. چونڊيل ميمبر اعجاز علي ڪليري ھڪ بھادر ۽ بيباڪ شخص آھي جنھن ھميشـ نرسز جي حقن لأ جدوجھد ڪئي آھي.اعجاز علي ھڪ دلير ۽ جرئتمند ڪردار آھي جنھن جي جدوجھدن سان نرسز پيشي جا ڪيترائي مسئلا حل ٿيا آھن ۽ مستقبل ۾ کوڙ ساريون اميدون آھن.پي اين اينڊ ايم سي (PN&MC) ۾ سنڌ جو نمائندو سنڌ جي نرسز جو آواز بڻبو. نرسز پيشو مسيحا پيشو آھي جنھن جا جائز مسئلا حل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي صحت کاتي جي ذميداري آھي.اليڪشن ۾ سنڌ جي نرسز پنھنجي بيباڪ اڳواڻ اعجاز علي ڪليري جو ساٿ ڏئي ٻڌي ۽ ايڪي جو ثبوت ڏنو.چانڊڪا اسپتال لاڙڪاڻو ۾ نرسز ڪيترن ئي مسئلن کي منھن ڏئي رھيا آھن, نرسز گزيٽڊ آفيسر ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا انھن کي پٺتي ڌڪڻ انتظاميا جي غلطي ۽ صحت جي شعبي سان ويساھ گھاتي آھي.چانڊڪا ۾ اڪثر انچارچ نان ڪيڊر کي بڻايو ٿو وڃي.بغير سبب جي نرسز کي ھيسائڻ ۽ ڌٻائڻ بند ڪيو وڃي.ايم ايس گلزار احمد تنيو مثبت ۽ برجستو شخص آھي اميد تـ ھو نرسز جي مسئلن کي حل ڪرڻ طرف ڌيان ڏيندو.نرسز جا اسٽڪ ھولڊرس ھاڻ ڪنھن بـ بيواجبي تي خاموش نـ ويھندا. اسپتال ۾ صفائي سٿرائي ۽ دوائن جي کوٽ سان گڏ ڪيترائي مسئلا آھن جنھن سان مريضن توڙي اسپتال ۾ ڪم ڪندڙ نرسز کي مسئلن سان منھن ڏئڻو ٿو.نرسز جا سپروائيز نرس ھجڻ اھم ضرورت آھي.پاڪستان نرسنگ ڪائونسل جي رول مطابق ھڪ نرس چار مريضن جي سار سنڀال ۽ نگھداشت ڪري سگھندو پر چانڊڪا ۾ ھڪ نرس کي چار چار وارڊ ڏنا ٿا وڃن.نرسز جا پروموشن وقت سر ٿيڻ گھرجن, سالن کان نرسز جا پروموشن نـ ٿيڻ سنڌ حڪومت جي بيحسي آھي. نرسنگ ڪاليز ۾ ڪلينڪل انسٽرڪٽر ۽ ليڪچرار جون سوين سيٽون خالي پيل آھن جنھن سان تعليمي سرگرمين ۾ دشواري ٿئي ٿي,سنڌحڪومت کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گھرجي. نرسز جي مھارت کي وڌائڻ لأ اسپيشل ٽريننگ پروگرام رکيا وڃن ۽ نرسز جي علي تعليم لأ اسڪالرشپ پڻ مھيا ڪيون وڃن. دنيا ۾ نرسز جي اھميت کي تسليم ڪيو وڃي ٿو پر سنڌ توڙي لاڙڪاڻو چانڊڪا اسپتال ۾ اڃان تائين نرسز جا جائز مسئلا حل نٿا ڪيا وڃن. چانڊڪا اسپتال ۾ نرسز جي ڪواٽرن جي سالن کان مرمت نٿي آھي, ڪيترائي ڪواٽر زيبون ٿي چڪا آھن, انتظاميا کي انھن جي جلد مرمت ڪرائڻ گھرجي ۽ نرسز جا ڪواٽر نان نرسز کي الاٽ نـ ڪيا وڃن. نرسز جا ڪواٽر صرف نرسز کي الاٽ ڪيا وڃن.نرسز جا جائز مسئلا وقت سر حل نـ ڪيا ويا تـ نتيجا اگرا نڪرندا.










