خيرپور(سجاد علي ڪٻر) گمبٽ ۽ آسپاس جي علائقن ۾ نانگ بلائن جو آزار وڌي ويو آهي. ڳوٺ وليداد سيال ۾ نينگر شاهنواز سيال،ڳوٺ ريڍر لاشاري واسي 11 سالن جي نينگر محمد حليم ۽ رپڙي واسي 25 سالن جي مسمات شهزادي خاتون کي نانگ ڪکي ڇڏيو آهي. جن کي وارث علاج لاءِ کڻي گمبٽ اسپتال پهتا آهن.جتي نانگ جي ڪکيلن کي گمبٽ اسپتال ۾ علاج ڏنو پيو وڃي.










