ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر حسين شاهه ۽ ليبر واري وزير سعيد غني ڪراچي جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو.صوبائي وزيرن شاهين ڪمپليڪس، آئي آئي چندريگر روڊ، ميٽروپول جو دورو ڪيو ۽ شارع فيصل، شاهه فيصل ڪالوني، ناٿا خان سميت مختلف هنڌن تي ترقياتي ڪمن جو جائزو پڻ ورتو، ان موقعي تي ناصر شاهه چيو ته ڪراچي جي ترقي ۽ جديد سهولتن جي فراهمي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي،صوبائي وزير سعيد غني چيو ته سنڌ حڪومت ٽرئفڪ سسٽم ۾ سڌارا ۽ روزگار جي موقعن جي واڌاري لاءِ پرعزم آهي.










