اسلام آباد(بيورو رپورٽ)نادرا جي 3 ڊائريڪٽر جنرل ۽ 1 ڊپٽي ڊائريڪٽر کي برطرف ڪيو ويو.نادرا جي چئني آفيسرن به آڊٽ اعتراضن بعد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. برطرف ڪيل آفيسرن ۾ نادرا جو اڳوڻو وقتي چيئرمين برگيڊيئر (ر) خالد لطيف به شامل آهي. نادرا جي رٽائرڊ آفيسرن ۾ برگيڊيئر (ر) طلعت، برگيڊيئر (ر) بلال ۽ ميجر (ر) قدوس شامل آهن. نادرا جي اڳوڻي چيئرمين عثمان مبين جي دور ۾ چئن آفيسرن کي غير قانوني طور ڀرتي ڪيو ويو هو.










