نئين سال جي بجيٽ جون خاص خاص ڳالهيون

نئين سال جي بجيٽ جون خاص خاص ڳالهيون

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) ناڻي واري وزير جي اعلانيل ٽيڪس موجب پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ نئين مالي سال ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو يعني ايف بي آر لاءِ هلندڙ سال جي ڀيٽ ۾ 38 سيڪڙو وڌيڪ يعني 12 هزار 970 ارب روپيا ٽيڪس وصول ڪرڻ جو ٽارگيٽ آهي. ظاهر آهي ته اصافي رقم عوام جي کيسي مان ئي نڪرندي.
• بجيٽ جو ڪل مقدار 18 هزار 877 ارب روپيا آهي. اها رقم هلندڙ مالي سال جي بجيٽ کان 30 سيڪڙو وڌيڪ
• معاشي ترقي يعني جي ڊي پي گروٿ جي شرح جو ٽارگيٽ 3.6 سيڪڙو آهي.
• پيٽرول ۽ ڊيزل تي ليوي 20 روپيا ۽ گاسليٽ تي 25 روپيا في لٽر وڌائي ويندي.
• اِي گيسولين تي 10 روپيا ليوي لڳو ٿيندي.
• بجيٽ جو ڪل خسارو جي ڊي پي جي 6.9 سيڪڙو برابر آهي.
• سولر پينل، انورٽر ۽ ليثيم بيتريز جي خام مال تي زيرو ٽيڪس هوندي.
• توانائي جي شعبي لاءِ 253 ارب رکيا ويا آهن.
• بجلي چوري روڪڻ ۽ 9 ئي ڊسڪوز جي نجڪاري
• نان فائيلرز جي ملڪيت جي خريداري ۽ بئنڪ ٽرانزيڪشن تي ڳرو ٽيڪس
• حڪومت جا جاري خرچ 17 هزار 302 ارب هوندا، 29 سيڪڙو وڌيڪ
• قرضن ۽ وياج جي واپسي لاءِ 9 هزار 775 ارب، 34 سيڪڙو وڌيڪ
• دفاعي بجيٽ 2هزار 122 ارب، هلندڙ سال کان 17.6 سيڪڙو وڌيڪ
• وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 3 هزار 792 ارب 20 ڪروڙ، 40 سيڪڙو وڌيڪ
• صوبن جي ترقياتي پروگرامن لاءِ 2 هزار 95 ارب، 34.4 سيڪڙو وڌيڪ

پهنجو تبصرو موڪليو