اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان پنجاب حڪومت کي مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ تي نوٽيس جاري ڪندي 26 فيبروري تي طلب ڪري ورتو آهي. اليڪشن ڪميشن مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اڳ ۾ پنجاب حڪومت مڪاني قانون ۾ تبديلي ڪرڻ لاءِ هڪ مهيني جي مهلت گهري، جيڪا ڏني وئي پر اڃا تائين قانونسازي مڪمل ناهي ٿي. 3 ڀير مڪاني ادارن جي حلقه بندين تي ڪم شروع ڪيو، جيڪو پڻ روڪيو ويو. پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي 26 فيبروري تي پيش ٿي جواب پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.










