مڪاني ادارن جي چونڊن بابت درخواستون ٻڌڻي سومر تائين مقرر نه ٿي سگهي

مڪاني ادارن جي چونڊن بابت درخواستون ٻڌڻي سومر تائين مقرر نه ٿي سگهي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود اسلام آباد جون بلدياتي چونڊون اڄ نه ٿي سگهيون، جڏهن ته چونڊن بابت عدالتي ۽ بلدياتي اپيلن جي ٻڌڻي سومر تي نه ٿي سگهي.وفاق پاران انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪندي چيو ويو آهي ته سنگل بينچ ڪالهه شام 5 وڳي حڪم ڏنو هو ته مڪاني چونڊون اڄ ئي ڪرايون وڃن، وقت نه هجڻ سبب عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ممڪن ناهي.وفاق جو چوڻ آهي ته عدالت ڪيس جي حقيقتن ۽ قانوني پاسن کي نظر ۾ نه رکيو ۽ قانون ۽ حقيقتن جي به غلط تشريح ڪئي.اليڪشن ڪميشن انٽرا ڪورٽ اپيل ۾ چيو ته اڄ چونڊون ڪيترن ئي سببن جي ڪري ممڪن نه ٿي سگهيون.پي ٽي آءِ جي علي نواز اعواڻ چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن، گهرو سيڪريٽري ۽ ڪيبينيٽ سيڪريٽري خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪندي چيو آهي ته عدالتي حڪم جي جان بوجھائي خلاف ورزي ڪئي وئي، ان ڪري انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري مثالي ڪارروائي ڪئي وڃي. پارٽين کي سزا ڏني وڃي.ٻئي طرف اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس سومر 2 جنوري تي ڪيسن جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي، پر اپيلون سومر تي ٻڌڻي لاءِ مقرر نه ٿي سگهيون.ايندڙ سال 2 جنوري تي درخواستن جي ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو