مٽي جو طوفان، ڇپر ۽ سائن بورڊ اڏامي ويا، بجلي بند

مٽي جو طوفان، ڇپر ۽ سائن بورڊ اڏامي ويا، بجلي بند

پکو(عبدالوحيد ميئو) قمبر ۽ لاڙڪاڻي جي ڀرپاسي وارن علائقن م جمع تي تيز مٽي جو طوفان آيو جنهن سبب پکو شھر سميت علائقي جي مختلف ڳوٺن گھوگھارو، خيرپورجوسو , ڳڙھي غلام علي اسراڻ , ديدڙ، ڪرم ٻوڪ ، علي محمد ورک , نئون ڳوٺ سميت ٻين ڳوٺن ۾ مٽي جي تيز طوفان سبب عام زندگي مفلوج بڻجي وئي , طوفان سبب ڪيترائي وڻ ڪري پيا آهن ماڻهو گهرن تائين محدود ٿي ويا جڏھن ته ڪکاوان گھر ۽ ڇپرا پٽ پئجي ويا , ساڳئي طرح مين انڊس ھاءِ وي روڊ تي لڳل سائن بورڊ پڻ پاڙان اکڙجي ڪري پيا ۽ ٽريفڪ ڪجھ وقت لاءِ معطل رھي , ھوڏانھن طوفان سبب پکو شھر سميت علائقي جي بجلي بند ٿي وئي جنھن ڪري مواصلاتي نظام بند ٿي ويو ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ٽاورن جا سگنل پڻ ٽرپ ٿي ويا جنھن ڪري صارفين کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو