مير علي خودڪش حملي ۾ 13 جوان شهيد، 14 خارجي مارجي ويا

مير علي خودڪش حملي ۾ 13 جوان شهيد، 14 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخوا صوبي جي ضلعي اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 13 جوان شهيد ٿي ويا. پاڪ فوج جي شعبه تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب، اتر وزيرستان جي مير علي واري علائقي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي خودڪش بمبار بارود سان ڀريل گاڏي ذريعي فورسز جي قافلي کي نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته قافلي جي اڳيان موجود دستي بروقت ڪارروائي ڪندي ان ناپاڪ منصوبي کي ناڪام بڻايو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ وطن جا 13 بهادر سپوت شهيد ٿي ويا. هي دهشتگرد حملو دهشتگرد رياست ڀارت جي ايجنٽ گروهه “فتنه الخوارج” جي ذريعي ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگرد حملي ۾ 3 بيگناهه شهري زخمي ٿيا، جن ۾ 2 ٻار ۽ هڪ عورت شامل آهن. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن دوران خارجين جو پيڇو ڪيو، ۽ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 14 خارجي دهشتگرد مارجي ويا.

پهنجو تبصرو موڪليو