ميان صاحب (رپوٽر) ميان صاحب ويجھو ھمايون روڊ تي ڳوٺ حاجي زمان سامھون تيز رفتار ڊاٽسن روڊ ڪراس ڪندڙ نينگر کي ٽڪر ھنيو، جنھن جي نتيجي ۾ ميان صاحب اسڪول ۾ پڙهندڙ ٻين ڪلاس جو شاگرد ستن سالن جو نينگر عمران ولد رحمت الله لانگو زخمي ٿي پيو ، جنھن کي ڊاٽسن ڊرائيور جيڪب آباد اسپتال پھچايو ، جتي نينگر زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو ، نينگر جي فوت ٿيڻ تي ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي جيڪب آباد پوليس گرفتار ڪري ورتو ، وارثن موجب نينگر ميان صاحب کان اسڪول مان پڙھي واپس ڳوٺ اچي رھيو ھيو، رڪشا تان لھڻ بعد روڊ ڪراس ڪندي تيز رفتار ڊاٽسن کيس ٽڪر ھنيو،










