ڪراچي (ويب ڊيسڪ): عالمي شهرت يافته پاڪستاني گلوڪار عاطف اسلم پنهنجي تازي انٽرويو دوران چيو آهي ته کيس پنهنجا ڀارتي مداح هميشه ياد ايندا آهن.هڪ انٽرويو دوران بالي ووڊ وارين ڏينهن ۽ خوشگوار يادن تي ڳالهائيندي عاطف اسلم چيو ته هو ”بارڊرليس ميوزڪ“ (Borderless Music) جي نالي سان هڪ نئين پروجيڪٽ تي ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ مختلف نوان توڙي سينئر ۽ ليجنڊ فنڪار شريڪ آهن ۽ ڪيترو ئي خوبصورت نئون ميوزڪ مداحن لاءِ تيار ٿي رهيو آهي.ڀارتي مداحن کي نياپو ڏيندي عاطف اسلم چيو ته پابندين جي ڪري اداس ٿيڻ جي ضرورت ناهي، هو پنهنجي هر ان مداح کي ياد ڪري ٿو. هن وڌيڪ چيو ته بالي ووڊ ۾ ڪم ڪرڻ کان وڌيڪ کيس پنهنجا فينز ياد ايندا آهن، ۽ جيڪڏهن فن تي پابندي نه لڳي ها ته هو پاڻ ڪڏهن به پنهنجي بنيادي ميوزڪ پروڊڪشن ڏانهن نه اچي سگهي ها.










